اختر مرزا

اختر مرزا: سنڌ جي نامور محقق، تاريخدان ۽ شاعر مرزا گل حسن بيگ ’احسن ڪربلائي‘ جو فرزند اختر مرزا، 22 جنوري 1950ع تي ٽنڊي آغا ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد مرزا احسن ڪربلائيءَ کان ورتائين. ايم. اي سنڌيءَ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاگرديءَ دوران سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جو وائس پريزيڊنٽ ۽ سنڌي ڪلچرل سوسائٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري به ٿي رهيو آهي. عملي زندگي جي حوالي سان هن ڪيترن ٽي. وي پروگرامن ۾ اهم ڪرادار ادا ڪيا آهن. سڄي سنڌ ۾ ثقافتي، سماجي ۽ ادبي حوالي سان اسٽيج ڪمپيئر، ڪراچي ٽيليويزن سينٽر تان نشر ٿيندڙ سنڌي پروگرامن ۾ ڪمپيئر ۽ مڪالما نويس طور ڪم ڪري چڪو آهي. 2005ع ڌاري سنڌي نجي چينل ڪي. ٽي. اين تان سندس 13 قسطن تي مشتمل ڊرامو ’جرم ۽ سزا‘ نشر ٿيو، جنهن جي ڪهاڻي هن روسي ناول ‘Crime And Punishment’ تان ترجمو ڪئي هئي. 2006ع ۾ ڪي. ٽي . اين لاءِ ’ونودني‘ عنوان سان 26 قسطن تي مشتمل اصلوڪو ڊرامو پڻ لکيو.
اختر مرزا علمي زندگيءَ جي شروعات جنوري 1982ع ڌاري گورنمينٽ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار طور ڪئي. جنهن بعد 1989ع ۾ ثقافت کاتي سنڌ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر؛ 1991ع کان 1993ع تائين جامعيه مليه گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سـنڌيءَ و ليڪچرار؛ 1996ع ڌاري اڳوڻي وزير اعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ڪو آرڊينيٽر؛ ڊسمبر 1993ع کان جولاءِ 1997ع تائين سنڌ جي معاملن تي محترمه بينظير ڀٽو جو اسپيشل آفيسر؛ 1998ع کان 2003ع دوران ڊائريڪٽوريٽ آف ورڪرز ايجوڪيشن اسلام آباد ۾ پراجيڪٽ ۽ پبليڪيشن آفيسر طور فرض سر انجام ڏئي چڪو آهي. 2010ع ۾ ڀٽو لئگيسي فائونڊيشن جو سيڪريٽري به رهيو. هن تعليم کاتي مان ايسوسيئيٽ پروفيسر طور رٽائرمينٽ ورتي.


لفظ اختر مرزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو